ڪيئي يادگار گيت ڳائيندڙ الڪا ياگنڪ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ٿي وئي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ٽن ڏهاڪن کان بالي ووڊ فلمن جي گيتن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جڳائيندڙ نامياري گلوڪارا الڪا ياگنڪ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ٿي وئي جنهن جو انڪشاف گلوڪارا پنهجي تازي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ڪيو آهي.
الڪا ياگنڪ سومر ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي هڪ پراڻي تصوير شيئر ڪنهن جنهن تي ڊگهي ڪيپشن ۾ لکيو.
هن پنهنجي ساٿين، مداحن کي مخاطب ڪندي لکيو ته ڪجهه هفتا اڳ جڏهن هوءَ پنهنجي فلائيٽ مان ٻاهر نڪتي ته هن محسوس ڪيو ته کيس ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي.
سندس چوڻ هوته ڪيئي ڏينهن کانپوءِ همت ڪري پنهنجي مداحن کي آگاهه ڪري رهي آهي ڇو ته ڪيترن کي ماڻهن کي ڳڻتي هئي ته مان ٽيليويزن تان گم ڇو ٿي وئي آهي.
الڪا ٻڌايو ته مان پنهنجي ڊاڪٽر کي سموري صورتحال بابت ٻڌايو ته هن هڪ بيماري جي نشاندهي ڪئي جنهن کي sensorineural hearing loss چيو ويندو آهي، ان بيماري ۾ اڪثر مريض هڪ ڪَن جي ٻڌڻ جي سگهه وڃائي ويهندو آهي جڏهن ته ڪجهه مريض ٻنهي ڪنن جي ٻڌڻ جي سگهه کان به مرحوم ٿي ويندا آهن.
گلوڪارا اِهو به چيو ته بيماري جي نشاندهي هن کي ڏاڍو پريشنا ڪري ڇڏيو آهي پر سمورن دوستن کان درخواست ڪنديس ته هو وڏي آواز ۾ موسيقي ٻڌڻ ۽ حد کان وڌيڪ هيڊ فون جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن اوهان کي مون جيان ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا نه ٿيڻو پوي. ا
الڪا ياگنڪ جي پوسٽ تي گلوڪار سونو نگم سميت ڪيئي ادڪارن ۽ راڳين افسوس جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.