ڪراچي ۾ پاڻ کي حڪومتي صلاحڪار ظاهر ڪري جعلسازي ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس پاڻ کي حڪومتي صلاحڪار ظاهر ڪري جعلسازي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ نمبر هڪ ۾ ڪارروائي ڪئي وئي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جعلي نمبر پليٽن وارين گاڏين سان وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندو هو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي قبضي مان ٻه گاڏيون برآمد ڪيون ويون ۽ ٻنهي جون انجڻيون ۽ چيچز نمبر ٽيمپرڊ آهن، جڏهن ته ڪارروائي دوران جوابدارن سان گڏ موجود 5 ماڻهو پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.