اختلافن جو اهو مطلب ناهي ته رياست جي مفادن سان کيڏو، سختي سان منهن ڏينداسين: احسن اقبال

لاهور (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته تازي دوري کانپوءِ چين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن ۽ چيني صدر چيو ته اسان اسٽريٽيجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ چاهيون ٿا پر هڪ سياسي جماعت ڪجهه ڏينهن کان پاڪ – چين لاڳاپن تي پروپئگنڊا ڪري رهي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته مخالفن کي دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ ٽرولنگ شروع ڪئي ويندي آهي، تنقيد ڪندڙن کي ٽرولنگ ذريعي هراسان ڪيو ويندو آهي، اسان حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ رهياسين پر ڪڏهن رياستي ادارن کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو، ادارن کي ڪمزور ڪنداسين ته رياست جي بقا لاءِ ٻاهر کان ڪا ضمانت نٿا آڻي سگهون.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن تي ٽرولنگ شروع ڪئي وئي آهي، تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڄڻ پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهٽجي ويا آهن، پهريون ڀيرو ٻئي ملڪ اسپيس جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌائي رهيا آهن، ماڻهو چين سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو تاثر ڏئي رهيا آهن پر چين سان اسان جو سهڪار هماليا کان به بلند ٿي چڪو آهي.
احسن اقبال چيو پاڻ ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته رياست جي مفاد سان کيڏو، رياست جي مفادن سان کيڏندئو ته سختي سان منهن ڏينداسين، اسان جي مفادن جو دفاع ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

ahsaniqbal pmln cpec

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.