“هنن کي شرم هجي ها ته ملڪ موٽي اچن ها، پاڪستاني رانديگر قوم کان معافي وٺن“

قومي ڪرڪيٽر احمد شهزاد چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن فاسٽ بالر حارث رئوف سان همدرديءَ لاءِ سوشل ميڊيا تي جيڪي پوسٽون شيئر ڪيون اهڙيون ئي پوسٽون کين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي تي قوم کان معافي وٺڻ لاءِ به ڪرڻ گهرجن.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ حارث رئوف هڪ فين سان ڏند چيڪ ڏيندي نظر آيو.
ان حوالي سان حارث رئوف وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ته ڪارڪردگي تي تنقيد مداحن جو حق آهي پر جيڪڏهن ڪو منهنجي خاندان بابت ڪجهه چوندو ته ان کي جواب ضرور ملندو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي به معاملي جو نوٽيس وٺندي مداح کان ترت حارث رئوف کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن ته قومي ڪرڪيٽرن طرفان به حارث رئوف سان پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي هئي.
ان ڏس ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد سوشل ميڊيا تي لکيو ته تي جتي اسان حارث رئوف سان پيش آيل واقعي جي مڪمل مذمت ڪيون ٿا اتي اِها ڳالهه به اهم آهي ته رانديگرن طرفان حارث رئوف کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ جيڪي پوسٽون لڳايون ويون آهن اهڙيون پوسٽون ورلڊ ڪپ ۾ سندن خراب ڪارڪردگي تي شوقينن لاءِ معذرت طور به پوسٽ ڪرڻ گهرجن ها.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ احمد شهزاد چيو ته سٺو ٿئي ها جڏهن اِهي رانديگر قوم کان معافي وٺن ها، جيڪڏهن اِهي رانديگر شرمسار هجن ها ته آمريڪا، انگلينڊ ۽ دبئي ۾ موڪلون ملهائڻ بدران ڏيهه واپس موٽي اچن ها.
قومي ڪرڪيٽر چيو ته رانديگرن جي اهڙي قسم جي پوسٽن سان بيانيو تبديل نه ٿيڻ گهرجي ۽ شوقينن کي رانديگرن جي خراب ڪارڪردگي جو جواب ملڻ گهرجي.
احمد شهزاد وڌيڪ چيو ته احتساب ضروري آهي، رانديگرن جي هڪ ئي ٽولي گذريل پنجن ورهين کان ملڪ لاءِ ڪجهه ناهي کٽيو ۽ اِهي پاڪستان اجتماعي ڪاميابي کي ترجيح ڏيڻ بدران ذاتي سنگِ ميل کي ترجيح ڏيندا رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.