ڪراچيءَ ۾ چوماسي برساتن بابت اهم خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسمياتي ماهرن ڪراچي ۾ جولاءِ شروعات کان ئي چوماسي جي برساتن جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسمياتي تجزيي نگارن موجب، 30 جون کان اتر عربي سمنڊ تي وچولي شدت جو دٻاءُ ٺهڻ جو امڪان آهي، جيڪڏهن سسٽم ٺهيو ته جولاءِ جي شروعات ۾ ڪراچي ۾ چوماسي جي پهريون وسڪارو ٿي سگهي ٿو.
تجريي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چوماسي جي شروعات 27 جون کان 4 جولائي جي وچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ماهرن موجب، هلندڙ سال ڪراچي سميت ڏکڻ سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، پر هيءَ اڳڪٿي ڊگهي مدت لاءِ آهي انڪري ان ۾ تبديلي جو ممڪن آهي.
موسمياتي ماهرن موجب، اولهندي هوائن جي اثر هيٺ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ 21 جون کان ڪڪر مڙي سگهن ٿا جڏهن ته 23 جون کان هيٺين سنڌ ۾ پري مون سون سرگرمين جي شروعات ٿي سگهي ٿي.
ان کانسواءِ ماهرن 22 کان 23 جون دوران ڪراچيءَ جي ڪجهه حصن ۾ آنڌاري ۽ هلڪي برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.