ڪي پي جي بجلي گهٽائي وئي ته نيشنل گرڊ جي بجلي بند ڪري ڇڏيندس: علي امين جي وفاق کي ڌمڪي

ڊيرا اسماعيل خان ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو وري وفاقي حڪومت کي ڌڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن نيشنل گرڊ مان صوبي جي بجلي گهٽائي وئي ته هو نيشنل گرڊ مان بجلي بند ڪري ڇڏيندو.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاق پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪري رهيو ۽ واپڊا ڪي پي سان زيادتي ڪري رهيو آهي، 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن به فيڊر مان نه ٿيڻ گهرجي.
علي امين گنڊاپور چيو ته مون کي خبر آهي ته اوهان ڪهڙي طرح ويٺا آهيو ۽ اوهان کي ڪهڙي طرح ڪڍڻو آهي، هي ماڻهو مئنڊيٽ چوري ڪري حڪومت ۾ ويٺا آهن، وفاق پنهنجو رويو درست ڪري ۽ اسان کي مجبور نه ڪري جو ان کي ڌڪا ڏئي ڪڍڻو پوي.
وڏي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي اوهان جي سپورٽ گهرجي، وزيراعظم کي آخري ڀيرو چوان ٿو ته صوبي جا پئسا ڏيو، پنهنجو حق وٺڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.