ڪي پي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، علي امين گرڊ اسٽيشن پهچي بجلي بحال ڪري ڇڏي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو تڪرار اختيار ڪري ويو ۽ صوبائي وزير کانپوءِ وڏي وزير علي امين گنڊاپور به بجلي بحال ڪرڻ پاڻ گرڊ اسٽيشن پهچي ويو .
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي علائقي جي بجلي بحال ڪرڻ ڊي آءِ خان گرڊ اسٽيشن پهچي ويو ۽ هن پنهنجي اعلان موجب لوڊشيڊنگ جو وقت 12 ڪلاڪ فڪس ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي علي امين گنڊاپور جوچوڻ آهي ته هاڻي ڪنهن علائقي ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، اسيمبلي ميمبر پنهنجي علائقن ۾ گرڊ اسٽيشنز جو دورو ڪري لوڊشيڊنگ شيڊيول تي عملدرآمد ڪرائين.
ٻئي پاسي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر فضل الاهي به پشاور جي رحمان بابا گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿيو ۽ زبردستي پنهنجي علائقي جي بجلي بحال ڪري ڇڏي.
پوليس رحمان بابا گرڊ اسٽيشن تان زبردستي بجلي بحال ڪرائڻ جي ايف آءِ آر ته داخل ڪري ورتي آهي پر ڪيس ۾ ايم پي اي فضل الاهي کي نامزد ڪيو ويو آهي.
پيسڪو اختيارين جي حوالي سان چوڻ آهي ته ايم پي اي فضل الاهي ڪلهه رات 11 وڳي لائن لاسز وارن 10 فيڊرز تي زبردستي بجلي بحال ڪري ويو جنهن سبب پيسڪو کي 26 لک 40 هزار رپين جو نقصان ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.