پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو اهم اڳواڻ افغانستان ۾ مارجي ويو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جو اهم اڳواڻ افغانستان جي علائقي ڪنڙ ۾ مارجي ويو.
ذريعن موجب، ڪالعدم ٽي ٽي پر شوريٰ مالاڪنڊ جو ڪارڪن عبدالمنان عرف حڪيم الله افغانستان جي علائقي اسد آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ مارجي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد عبدالمنان باجوڙ ۾ ٽارگٽ ڪلنگ، بارودي سرنگهه جي ڌماڪ، چيڪ پوسٽن تي فائرنگ ۽ ڀتا خوري سميت ٻين سرگرمين ۾ به ملوث هو.
ذريعن موجب، دهشتگرد عبدالمنان ٽي ٽي پي ليڊر عظمت الله محسود جو ساٿي هو، جنهن جو باجوڙ ۾ دهشتگرد ڪارروائين جي رٿابندي ۾ انتهائي اهم ڪردار رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.