فضل الرحمان تحريڪ تحفظ آئين ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ ڌار جدوجهد ڪندو

اسلام آباد (منصور علي خان): مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ تي عدم اعتماد ڪري تحريڪ تحفظ آئين ۾ هن وقت تائين شامل ٿيڻ جو ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهيو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ سندس پاران تحريڪ تحفظ آئين ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به ارادو نظر نه ٿو اچي، اهڙو اظهار منصور علي خان پنهنجي ولاگ ۾ ڪندي انهيءَ ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي سياسي سرگرمين جي پسمنظر ۾ پنهنجي الڳ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو هُن اڃان تائين ڪو اعلان نه ڪيو آهي، مولانا فضل الرحمان کي تحريڪ تحفظ آئين جي اڳواڻ محمود اچڪزئي پڻ تحريڪ تحفظ آئين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف کيس تحريڪ تحفظ آئين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي دفعا ملاقاتون ڪري گذارشون پڻ ڪيون آهن. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.