ورلڊ ڪپ ناڪامي، بابر اعظم کي پهريون جهٽڪو، بورڊ اهم فيصلو ڪري ورتو

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتان طور ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ اطلاع آهن ته بورڊ بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ جي هوم سيريز ۾ بابر اعظم کي ڪپتاني کان پري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ست ميمبرن تي ٻڌل سليڪشن ڪميٽي جي تجويز شاهين آفريدي جي جاءِ تي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت بابر اعظم جي حوالي ڪندي کيس 2025 چيمپيئنز ٽرافي تائين وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو هو.
ذريعن موجب، بورڊ بنگلاديش خلاف بابر اعظم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز قيادت سونپڻ جو ارادو رکي پيو جڏهن ته اِها سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ انتهائي ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ بورڊ ٽيسٽ ٽيم لاءِ بابر اعظم جي نالي تي غور ڪرڻ بدران شان مسعود تي اعتماد تي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، آسٽريليا جي ٽيسٽ فاسٽ بالر جيسن گليسپي شان مسعود سان ٽيسٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو.

PCB T20WorldCup2024 BabarAzam PakistanCricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.