حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ڄائي نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ برطانيا جي شهر لنڊن ۾ هلندڙ مارچ جي حمايت ۾ سنڌ سڀا پاران مختلف شهرن ۾ سبيلون لڳايون ويون آهن ۽ بک هڙتال ڪئي وئي آهي، برطانيا جي شھر لنڊن ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ برطانيا جي وزيراعظم جي آفيس کان لنڊن ۾ پاڪستاني سفارت خاني تائين مارچ جي حمايت ۾ سنڌ جي 6 ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ اعلانيل ٿڌي پاڻي جون سبيلو لڳايون ويون آهن. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽن موجب، ڪالهه سنڌ سڀا پاران نوابشاهه ۾ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ۽ ٿڌي پاڻي جي سبيل لڳائي وئي، ڪئمپ جي اڳواڻي شمن انقلابي، حسن شر جبار سنڌي، اسد سنڌيار ۽ ٻين ڪئي. هوڏانهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سنڌ سڀا جي مرڪزي اڳواڻ ثمينا ميمڻ ۽ حيدرآباد ڊويزن جي صدر يونس چانگ جي اڳواڻي ۾ ٿڌي پاڻي جي سبيل لڳائي گرمي ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي ٿڌو شربت پياريو ويو. جڏهن ته سيٺارجا ۾بئريسٽر ٽيم سنڌ پاران پريا ڪماري جي آزادي ۽ قلم ڌڻين جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي نديم شر، عارف علي، ذوالفقار سهتو، خيرپور صحافي اتحاد جي چئيرمين غلام حسين چانگ، پريس ڪلب جي صدر علي گل ڪٻر، سجاد علي ڪٻر، علي عبدالله سهتو ۽ ٻين ڪئي. مختلف هنڌن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڄائي نياڻي ڪيترن ئي سالن کان قيد آهي پر سنڌ حڪومت سنجيده قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر صحافين کي حق سچ لکڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، شهيد جان محمد مهر جا قاتل هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيا ته هڪ ٻئي قلم جو پورهيو ڪندڙ صحافي نصرالله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو آھي.