ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي سنڌ بجيٽ رد ڪري ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر)  ”ڪراچي لاءِ ڪجهه به ناهي“ سنڌ ۾ اپوزيشن بجيٽ رد ڪري ڇڏي،  سنڌ ۾ مخالف ڌر صوبائي حڪومت جي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي ۽ جماعت اسلامي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر محمد فاروق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي کي آن بورڊ ناهي ورتو ويو، بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ ڪجهه به ناهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته سنڌ حڪومت گذريل ڪيترن ئي سالن کان عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، هن بجيٽ ۾ به عوام کي رليف نه ملي سگهيو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي کي آن بورڊ نه ورتو ويو آهي، اسان جا اسيمبلي ميمبر بجيٽ تي بحث دوران پنهنجن خدشن جو کليل اظهار ڪندا. علي خورشيدي چيو ته سنڌ حڪومت جمهوريت جي سمورين روايتن جي ڀڃڪڙي ڪندي بجيٽ پيش ڪئي، پري بجيٽ بحث به قانون ۾ شامل آهي، صوبائي حڪومت پري بجيٽ بحث جي اجازت ناهي ڏني. اسان حڪومت کي درخواستون پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، حڪومت اسان جي هڪ نه ٻڌي، اسان جي درخواست کي پائمال ڪيو ويو،  هن چيو ته وڏي وزير سيف سٽي اٿارٽي جو ذڪر ڪيو، 12 سالن کان سيف سٽي جي نالي تي ڪهاڻي ٻڌائي پئي وڃي ، 12 سالن ۾ سيف سٽي جو ڪهڙو ڪم شروع ئي ناهي ٿيو؟،  جماعت اسلامي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد فاروق چيو آهي ته سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ ڪجهه به ناهي، سڄو بار غريب پگهاردار طبقي تي لڳايو ويو آهي، 100 کان 1000 هيڪٽر زمين تي ٽيڪس ٽيرف  جي حساب سان واڌ ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ 500 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، صوبي جي راڄڌاڻي ڪراچي لاءِ صوبائي بجيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، نه ئي وفاقي حڪومت ۽ نه ئي صوبو ڪراچي جي تباهه حال شهر جي تعمير لاءِ سنجيده آهي. هن چيو ته بجيٽ ڪراچي واسين لاءِ نئين لولي پوپ آهي.  محمد فاروق وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي بجيٽ تي تحفظات جو اظهار ڪري رهي آهي، اها ان جي پهرين ڪاپي (اضافي) آهي، اها آءِ ايم ايف جي معاشي غلامي جي صوبائي بجيٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.