سانگهڙ ۾ وحشي بااثر اٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي

حيدرآباد(رپورٽر) سانگهڙ ۾ وحشي شخص فصل ڀيل تان اٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي، بااثر جي حڪم تي بي زبان اٺ جي هڪ ٽنگ ڪٽي  وئي، اٺ مالڪ احتجاج  ڪندي چيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اُٺ جي ٽنگ ڪٽڻ واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي سون جي تعداد ۾ ماڻهن گهڻي ڏک ۽ تڪليف جو اظهار ڪندي اهڙي واقعي کي عدم برداشت جي لهر ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ ۽ احساسن جي مري وڃڻ وارو الميو قرار ڏنو آهي، وڏي تعداد ۾ ماڻهن اُٺ جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪري اهڙو ظلم ڪندڙ وڏيري خلاف سخت ڪارروائي جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. هڪ بي زبان ۽ بي سمجهه جانور سان ٿيل اهڙي ظلم بابت سوشل ميڊيا تي سياسي، سماجي اڳواڻن، ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽ جانورن جي تحفظ جي لاءِ مختلف فورمن جي ذريعي جدوجهد ڪندڙ ماڻهن ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انسان غلط ۽ صحيح جي سمجهه نه رکندڙ جانور سان فصل جي ڀيل ڪرڻ تي ايڏو وڏو ظلم ڪري انسانيت کي شرمائي ڇڏيو آهي، جانور کي ته اها خبر ئي ناهي ته ڪھڙو فصل آھي ۽ ڪنھنجو آھي، ھن کي رڳو اھا ئي خبر ھئي ته ان جي کائڻ سان ھن جي بک ختم ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.