سنڌ دشمن بجيٽ کي رد ڪيون ٿا: سنڌ هاري ڪاميٽي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته سنڌ هاري ڪاميٽي پيش ڪيل سنڌ دشمن بجيٽ کي مڪمل طور تي رد ٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن هارين، مزدورن، پورهيتن  جي لاءِ ڪوبه رليف ناهي ڏنو ويو، اهڙي بجيٽ کي سنڌ هاري ڪاميٽي مڪمل طور تي رد ٿي ڪري. ان بجيٽ سان سنڌ جي عوام ۾ بيچيني ۽ بدحالي، غربت اڃان وڌندي. سنڌ هاري ڪاميٽي ان دشمن بجيٽ خلاف سنڌ ۾ ڀرپور تحريڪ هلائڻ جو اعلان ٿي ڪري. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر وڌيڪ چيو ته جيستائين سنڌ جو مزدور، هاري ۽ پورهيت طبقو خوشحال نه ٿيندو، اوستائين سنڌ خوشحال نه ٿيندي ۽ پاڪستان خوشحال نه ٿيندو. هي بجيٽ مڪمل طرح وڏيرن، سرمائيدارن ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل جاگيردارن کي فائدو پهچائڻ لاءِ جوڙي وئي آهي. اليڪشن دوران پيپلز پارٽي سرڪار چيو هو ته اسين ٻيهر اقتدار ۾ اچي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ سئو سيڪڙو واڌارو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.