بجيٽ ۾ بيوروڪريسي کي نوازيو ويوآهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته عوام مٿان ناجائز ٽئڪس جو بار وڌو ويو آھي. حڪمران  طبقي ۽ بيوروڪريسي کي بادشاھي مراعتون ڏنيو ويون آھن..آئي ايم ايف جي چوڻ تي عوام دشمن بجيٽ تيار ڪئي وئي آھي. تعليم ۽ صحت کي نظرانداز ڪرڻ عوام دشمني آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ کي ٻاھرين ڊڪٽيشن تي ھلائڻ ڪري اسان جون پاليسيون آزاد، خودمختيار ۽ عوام دوست ناھن. عالمي مالياتي ادارا پنھنجن مفادن واريون پاليسيون جوڙين ٿا ۽ پاڪستان کي بحرانن جي ڪن ۾ اڇلائي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته جن ايوانن ۾ قانون سازي ٿيڻ گھرجي، ملڪ ۽ عوام جي بهتريءَ جا فيصلا ٿيڻ گھرجن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي خاتمي، معاشي ۽ تعليمي ترقي لاءِ منصوبابندي ٿيڻ گھرجي، اتي عوام جا چونڊيل نمائندا صرف پنھنجون مراعتون وڌائن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.