نوشهرو فيروز: يو سي ڦل وارڊ هڪ جو ڳوٺ فقير حاجي حسن مشوري سهولتن کان وانجهيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوشهري فيروز جي يو سي ڦل، وارڊ هڪ ۾ ڳوٺ فقير حاجي حسن مشوري گذريل 15 ورهين کان بنيادي مسئلن کان وانجهيل آهي.

متاثر جمشيد علي عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي بجيٽ ڪنهن به ترقياتي ڪم تي استعمال ناهي ٿي رهي، ڳوٺ ۾ ڊرينيج نظام ناڪارا آهي جڏهن ته اسڪول ۾ ڪي سهولتون نه آهن.

هن پيپلزپارٽي قيادت ۽ انتظامي عملدارن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.