اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف صنعتن جي بهتري لاءِ بجلي جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪندي انڊسٽريز لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پيسن جي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزير اعظم محمد شهباز شريف صنعت ۽ برآمدات ۾ وڏي واڌ لاءِ تاريخي قدم کنيو ۽ ملڪي صنعت جي بهتري لاءِ بجلي جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو.
وزير اعظم صنعتن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پيسن جي گهٽتائي ڪندي بجلي جي قيمت 34 رپيا 99 پيسا في يونٽ ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته نيپرا انڊسٽريز لاءِ بجلي جي يونٽ قيمت ۾ ڏهه رپيا 69 پيسا في يونٽ گهٽتائي جي تجويز ڏني هئي.
PM Nepra Industries
You might also like