ڪراچي: ٽريفڪ پوليس چالان جي مد ۾ هڪ ارب رپيا اوڳاڙي ورتا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ چالان صوبي ۾ نان ٽيڪس آمدني جو وڏو ذريعي بڻجي ويو آهي، جتي صوبائي حڪومت مالي سال 24_2023 دوران شهرين کان هڪ ارب رپين جا ٽريفڪ ڏنڊ وصول ڪيا ويا.
خابرو اداري موجب ٽريفڪ ڏنڊ جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڪراچي مان وصول ڪيو ويندو آهي ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽريفڪ ڏنڊ جي مد ۾ آمدني 25 ڪروڙ اضافي سان هڪارب 25 ڪروڙ رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي.
گذريل مالي سال دوران هٿيارن جي لائيسنس جي مد ۾ سنڌ حڪومت جي آمدني 68 ڪروڙ رپيا رهي جيڪا ايندڙ مالي سال 70 ڪروڙ رپيا رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
Pakistan karachipolice chalans

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.