چين بنا ڊرائيور جي گاڏيون روڊن تي هلائڻ جو تجربو ڪيو آهي
پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي شهر ووهان جي روڊن تي بنا ڊرائيور جي 500 گاڏيون هلايون ويون آهن، جن کي ڪمپيوٽرز ذريعي هلايو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تجربو ڪرڻ وارين ڪمپنين ايندڙ مهيني وڌيڪ هڪ هزار گاڏيون روڊن تي آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
چين جي 16 شهرن ان ڪمپني کي بنا ڊرائيور جي گاڏين جون تجربو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، لڳ ڀڳ 19 چيني آٽوميڪرز عالمي خطح تي ان کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن.
حڪومت ڪمپنين کي اهم مدد فراهم ڪري پئي، ان کان علاوه مختلف مهم به هلايون پيون وڃن، جنهن سان عوام ۾آگاهي پيدا ٿئي ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال کان ڀئو نه ڪيو وڃي.
china cars withoutdrivers
You might also like