واٽس ايپ جو استعمال صرف ميسيجز تائين محدود ناهي پر هن تي آڊيو ۽ ويڊيو ڪالز به گهڻيون ڪيون وينديون آهن،ميٽا جي ميسيجنگ ايپ ۾ اسڪرين شيئرنگ ۽ ويڊيو ڪالز کي بهتر ڪيو ويو آهي.
آگسٽ 2023 ۾ واٽس ايپ ويڊيو ڪال جي تجربي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ھن خاصيت کي اڃا وڌيڪ بھتر ڪيو ويو آھي، نئين فيچرز ذريعي اسڪرين سان گڏو گڏ آڊيو شيئر ڪرڻ به ممڪن بڻجي ويو آهي.
اهو توهان کي توهان جي رابطن سان ويڊيوز ڏسڻ جي اجازت واٽس ايپ ڪال دوران هوندي. ويڊيو ڪالنگ کي به بهتر ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي توهان سڀني ڊيوائيسز تي 32 ماڻهن سان ويڊيو ڪال تي ڳالهه ٻول ڪري سگهو ٿا.
هن اپڊيٽ کان اڳ به توهان هڪ ويڊيو ڪال تي 32 ماڻهن کي شامل ڪري سگهيو پئي پر اهو توهان صرف موبائيل ڊيوائسز تي ڪري سگهو پيا.
پر هاڻي ڊيسڪ ٽاپ ايپس ۾ به اهو ممڪن آهي، ميٽا اسپيڪر اسپاٽ نالي هڪ فيچر پڻ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو پاڻمرادي طريقي سان انهن ماڻهن کي اجاگر ڪري ٿو، جيڪي ويڊيو ڪال دوران ڳالهائي رهيا آهن ۽ کين پهرين اسڪرين تي ڏيکاري ٿو.
ڪمپني طرفان پراڻن ڊيوائيسز يا ناقص انٽرنيٽ جي جڳهن تي واٽس ايپ ڪالن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ميٽا لو بٽريٽ نامي اپ ڊيٽ به آندي وئي آهي.
انهي اپڊيٽ سان آڊيو ڪوالٽي گهڻي حد تائين بهتر ٿي ويندي، ڪمپني ٻڌايو آهي ته هي نوان فيچرز ڪجهه هفتن ۾ سڀني واهپيدار کي دستياب ٿيندا.
You might also like