گهوٽڪي ۾ ٻن نوجوان نارين کي قتل ڪري لاش ڦٽا ڪيا ويا

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) گهوٽڪي ويجهو ٻن عورتن نڻان ۽ ڀاڄائي کي قتل ڪري لاش ٻُوڙن ۾ اڇلايا ويا.

رستي ويندڙن وارثن کي اطلاع ڪيو. لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

مقتولا عورتن ۾ 35 سالن جي منظوران چاچڙ زال اصغر علي چاچڙ ۽ 30 سالن جي شازيا زال غلام سرور چاچڙ شامل آهن.

عورتن کي قتل ڪرڻ جو هي واقعو گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم چاچڙ ۾ جمعي نماز بعد پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.