ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قرباني واري عيد ويجهو ايندي ئي مال پڙين تي خريدارن جي رش وڌي وئي آهي، ان کي مدنظر رکندي صحت جي ماهرن وري ماڻهن کي جانورن مان وچرندڙ بيماري کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
صحت جي ماهرن موجب جانورن مان ڪيتريون ئي بيماريون انسان ۾ منتقل ٿينديون آهي، انهن بيماري ۾ هاءِ ڊينڊ،ٽينيا،ٽوڪسو پلازما،ڪانگو وائرس شامل آهن.
انڊس اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر نسيم صلاح الدين چيو آهي ته ڪانگو هڪ وائرل هيمرجڪ وائرس آهي،جيڪو جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿيندي آهي.
هن جو چوڻ هو ته ڪانگو وائرس ۾ مبتلا جانور جي جسم مان پلڻ وارا ڪيڙن جي ڪٽڻ سان متاثر جانور کي ذبح ڪرڻ دوران يا بعد ۾ رت صحت مند انسان جي جسم تي لڳڻ سان وائرس انسانن ۾ داخل ٿيندو آهي.
karachi pakistan Eiduladha
Prev Post
You might also like