4 انسان جيڪي 52 سالن کان چنڊ تي آهن!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان کي خبر آهي ته چار انسان اهڙا به آهن جن کي چنڊ تي ويل ماڻهو ڇڏي موٽي آيا.

انسانن پهريون ڀيرو چنڊ جي سطح تي جولاءِ 1969 ۾ اپولو 11 مشن ذريعي پير رکيو. ان کانپوءِ چنڊ تي ڪيترائي مشن موڪليا ويا ۽ ڪيتريون ئي شيون اتي ڇڏيون ويون.

انهن مان هڪ 1972 ۾ اپولو 16 مشن دوران خلاباز چارلس ڊيوڪ جي فيملي پڪچر هئي.

هن تصوير ۾ ڊيوڪ سندس زال ڊوروٿي، سندس پٽن کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ اها تصوير اڄ به اتي ئي موجود آهي، هن وقت تائين ڊيوڪ جي پيرن جا نشان به 5 ڏهاڪن کان اتي ئي آهن.

ائين لڳي ٿو ته ڊيوڪ ڪٽنب کي چنڊ تي وٺي ويو هو ۽ تڏهن کان اتي ئي ڇڏي آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.