لانگ ٽرم مسنگ جو معاملو شارٽ ٽرم جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي:جسٽس محسن اختر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ رمارڪس ڏنا ته هاڻي لانگ ٽرم مسنگ جو معاملو شارٽ ٽرم مسنگ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني بلوچ شاگرن جي بازيابي واري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ درخواستگذار ايمن مزاري ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿي،جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل منور دوگل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گهمن به عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن سوال ڪيو ته آءِ ايس آءِ،ايم آءِ،آءِ بي،سي ٽي ڊي ۽ ايف آءِ اي عهديدارن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي هئي، ڇا ان ڪميٽي ڪا ورڪنگ ڪئي؟
ان تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته جيڪڏهن عدالت عيد بعد جو وقت ڏئي ڇڏي، جسٽس محسن چيو ته جيڪي مسنگ آهن، انهن کي به عيد ڪرڻي آهي.
ايمان مزاري دليل ڏيندي چيو ته واضح ڪرڻ چاهيان ٿي، هتي ڪو بيان ڏنو ويندو آهي ۽ بلوچستان ۾ وري ڪجهه ٻيو ٿيندو آهي، گذريل ٻڌڻي بعد مسنگ پرسنز جا ٻيا ڪيس به سامهون آيا آهن، انيس الرحمان کي 5 جون تي خضدار مان جبري طور تي کنڀيو ويو،انيس الرحمان اڃا گم آهي باقي بازياب ٿي چڪا آهن.
ايمان مزادي جي دليلن تي جسٽس محسن اختر چيو ته هاڻي لانگ ٽرم جو معاملو شارٽ ٽرم جي شڪل اختيار ڪري پيو، ڪنهن ليول پاليسي ميڪرز کان ڪنهن سوال ڪيو؟ اهي محسوس نه پيا ڪن ته رياست خلاف ڪهڙي ريت نفرت وڌي رهي آهي، انهن ۾ دهشتگرد به ضرور هوندا پر جيڪو به ڪرڻو آهي ته قانون موجب ڪيو وڃي

IHC pakistan Baluchistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.