ڊاڪٽر منور حسين جي سر سيد يونيورسٽي جي نئين وقتي وي سي طور مقرري

ڪراچي (پ ر) ڊاڪٽر منور حسين سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي وقتي وي سي جو عهدو سنڀالي ورتو آهي.

ڊاڪٽر حسين انتظامي ۽ ڪاروباري معاملا هلائڻ جو وسيع تجربو رکي ٿو، هو گذريل 35 سالن کان سنڌ ميڊيڪل سينٽر، هلال احمر سان ڊائريڪٽر طور واڳيل آهي.

ان کانسواءِ هو علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي اولڊ بوائيس ايسوسيئيشن جي مئنيجنگ ڪاميٽي جي سينيئر ميمبرن مان هڪ آهي.

ڊاڪٽر منور حسين آءِ ڊي اي، آر آءِ اي يو ويلفيئر ايسوسيئيشن جو اعزازي جنرل سيڪريٽري به آهي ۽ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ سماجي ڀلائي ۾ مصروف آهي.

يونيورسٽي جي عهديدارن، فيڪلٽي ۽ عملي سان پنهنجي تعارفي گڏجاڻي ۾ هن ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته ذميواري جي هن عبوري دور ۾ يونيورسٽي جي ميراث کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.