اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عمران نذير ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آمريڪا ۽ ڀارت کان هارائيندڙ پاڪستاني ٽيم کي ڊڄڻي ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستاني ڪرڪيٽم هن وقت بابر اعظم جي قيادت ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ آمريڪا ۾ موجود آهي جتي ان کي شروعاتي ٻن ميچن ۾ پهريان آمريڪا ۽ وري آچر ڏينهن ڀارت خلاف شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
پاڪستان ٽيم جي لاڳيتو خراب ڪارڪردگي تي جتي شوقين مايوس آهن اتي اڳوڻا ڪرڪيٽرز به رانديگرن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران نذير چيو ته ڀارت خلاف ميچ ۾ 120 رنسن جو هدف هو ۽ ٽيم جون ڄنگهون ڏڪي رهيون هيون.
اڳوڻي ڪرڪيٽر پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن کي بزدل قرار ڏيندي چيو ته ڪرڪيٽ دليريءَ سان کيڏي ويندي آهي، اهڙي نموني کيڏي اوهان نٿا کٽي سگهو، اسان وٽ صلاحيت نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ هتي ويهي ٽيم جي غلطين جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون پر سوال اِهو آهي انهن تي ڪم ڇو ناهي ٿي رهيو؟ هاڻي به اسان چار ڏينهن سوڳ ملهائينداسين ان کانپوءِ وري اِهو ئي روٽين هوندو.
You might also like