بابر روئي پيو، رضوان ماني ناهي کاڌي، شاداب کي ننڊ نٿي اچي، سڀ ڪوڙ آهي: احمد شهزاد

پاڪستاني ڪرڪيٽر احمد شهزاد پاڪستان جي موجودا ٽيم جي ناميارن رانديگرن بابت نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف 120 رنسن جو هدف حاصل نه ڪرڻ تي پاڪستاني رانديگرن خاص طور بيٽرز تنقيد جي نشاني تي آهن.
ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته جڏهن به ڪنهن وڏي ٽيم سان مقابلو ٿيو ۽ دٻاءُ وڌندو آهي ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان ائين ئي آئوٽ ٿي ويندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به نئين رانديگر جي تربيت ناهي ڪئي، دنيا ۾ نون رانديگرن کي تيار ڪيو ويندو آهي پر هتي نون ايندڙن کي پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته اعظم خان ۽ صائم ايوب خلاف مهم هلائي وئي، پنهنجو سمورو ملبو انهن مٿان وڌو جنهن کانپوءِ عوام مٿن تنقيد ڪئي.
احمد شهزاد چيو ته اهڙي قسم جون خبرون اِهي ماڻهو پکيڙيندا آهن ته بابر اعظم روئي رهيو آهي، رضوان ٽن ڏينهن کان ماني ناهي کاڌي، شاداب کي چئن ڏينهن کان ننڊ نٿي اچي، اهڙو ڪجهه ناهي هوندو، شاپنگ هلي رهي هوندي آهي، اسان به پاڪستان لاءِ کيڏي چڪا آهيون، اِهي سڀ شيون عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ٿينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.