نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾تيز ترين وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪري ورتي.
فاسٽ بالر ڪئناڊا خلاف ورلڊ ڪپ ميچ ۾ اِهو ڪارنامو انجام ڏنو.
حارث رئوف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ وڪيٽن جي تيز ترين سينچري مڪمل ڪندڙ فاسٽ بالر بڻجي ويو آهي.
پاڪستاني فاسٽ بالر 71 ميچن ۾ هڪ سئو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل وڪيٽون مڪمل ڪيون، آئرلينڊ جي مارڪ اڊائير 72 ميچن ۾ 100 وڪيٽون ورتيون هيون.
مجموعي طور حارث رئوف سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ دنيا ٽيون تيز ترين بالر آهي، حارث کان گهٽ ميچن ۾ سئو وڪيٽون مڪمل ڪندڙ ٻيا ٻه بالرز اسپنرز آهن.
افغانستان جي راشد خان 54 ۽ سريلنڪا جي هسارنگا 63 ميچن ۾ 100 وڪيٽون مڪمل ڪيون، ان کانسواءِ حارث رئوف سئو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل وڪيٽون وٺندڙ ٻيو پاڪستاني بالر آهي، شاداب خان 107 وڪيٽن سان سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني بالر آهي.