نخرا ڏيکاريندڙ اداڪارن کي گهڻو ڪم ملندو آهي: ناديا حسين

مشهور پاڪستاني اداڪارا، ماڊل ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ ناديا حسين چيو آهي ته جيڪو اداڪار نخرا ڏيکاريندو آهي ان کي وڌيڪ ڪم ملندو آهي.
ناديا حسين تازو ئي هڪ ويب شو ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي، جتي هن انڊسٽري ۾ ايندڙ نون اداڪارن جي روين جي باري ۾ڳالهايو.
هن ٻڌايو ته جڏهن مون انڊسٽري ۾ قدم رکيو ته ان وقت احترام وڌيڪ ضروري هو، انڪري شوٽنگ دوران پروڊڪشن ٽيم جو احترام ڪيو ويندو هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته مونکي ان ڳالهه جو ڊپ ٿيندو آهي ته پروڊڪشن هائوسز به اداڪارن جي ناڪاري روين کي آساني سان برداشت ڪري وٺندا آهن، جنهن ڪري ڪنهن جي به اصلاح نه پئي ٿئي.

Pakistan Nadiahussain Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.