مس پاڪستان چونڊڻ لاءِ ڇا ڇا جاچيو ويندو آهي؟ ماڊل راز ٻڌائي ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) مس پاڪستان گلوبل 2024 مهوش بٽ سونهن مقابلن ۾ عورتن جي چونڊ بابت ڪيترائي راز وائکا ڪري ڇڏيا آهن.

مهوش بٽ چيو ته هن مقابلي ۾ مختلف ملڪن جون عورتون حصو وٺنديون آهن. پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي، هتي ماڊلنگ جو رواج نه هو، پر هاڻي اهو رواج وڌي رهيو آهي.

هن چيو ته جڏهن اسان وٽ عورتن جي ماڊلنگ جهڙي ڳالهه اچي ٿي ته ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال ضرور ايندو ته عورتن جي جسم جي ماپ ڪئي ويندي آهي پر ائين ناهي.

سونهن مقابلا رڳو خوبصورتي بابت نه آهن ائين ناهي ته سهڻا ماڻهو اچن ۽ کٽي وڃن.

ان ۾ توهان جو انٽرويو ڪيو ويندو آهي ۽ IQ ليول به چيڪ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڏٺو ويندو آهي ته توهان ڇا ڪري رهيا آهيو ۽ توهان ڇا ڪري سگهو ٿا ۽ پوءِ توهان کي چونڊيو ويندو.

MissPakistan MehwishButt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.