سنڌ سان نا انصافي ٿي رهي آهي: ناصر شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ سان نا انصافي ٿي رهي آهي، وزيراعظم طرفان ان معاملي تي بهتري جي اميد آهي، وڏي وزير سنڌ جي حصي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهايو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت ملڪ توانائي جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو سستي توانائي جي فراهمي جا منصوبا ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آھي، سولر پارڪ تعمير هيٺ آهي جڏهن ته ڳوٺن کي به سولر ڏنو ويندو.
ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ باني جن ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، انهن سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. کيس ڄاڻڻ گهرجي ته ڳالهيون سياستدانن ۽ پارليامينٽ سان ڪرڻيون آهن.
سندس چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ موجود ناهي، ٻين صوبن ۾ موٽرويز قائم آهن پر سنڌ سان انصافي ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ کي حصو ڏيارڻ لاءِ ترقياتي ڪمن بابت وزيراعظم سان ڳالهايو. وزيراعظم شهباز شريف واعدو ڪيو ته وفاق جي منصوبن ۾ سنڌ صوبي کي حصو ڏنو ويندو .
دو .

NasirShah Sindh Sindhgovt federalgovernment

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.