سنڌ اسيمبلي: انجنيئرز کي ٽيڪنيڪل الائونس ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت ٿيو اجلاس دوران هڪ ٺهراءُ منظور ۽ هڪ رد ڪيو ويو تنهن کانپوءِ اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي ۾ انجنيئرز کي ٽيڪنيڪل الائونس ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، ٺهراءُ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي عادل عسڪري ايوان ۾ پيش ڪيو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٺهراءَ جي حمايت ڪئي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انجنيئرز کي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ چار سال محنت ڪرڻي پوي ٿي، انجنيئرز محنت ڪري پنهنجو مقام حاصل ڪندا آهن، انجنيئرز کي الائونس ملڻ جو مطالبو غلط نه آهي، کين الائونس ڏيڻ واري مطالبي کي سپورٽ ڪنداسين.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته هر شعبي جي ماڻهن کي مالي وسيلا ڏنا وڃن، مالي ڏکيائين سبب حڪومت کي فيصلا ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر اعجاز الحق بنگلاديش ۾ ترسيل پاڪستانين کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو رد ڪيو ويو، گهرو وزير چيو ته اهو معاملو وفاق جو آهي، اتي پيش ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ روينيو کاتي بابت سوالن، جوابن جو سيشن ٿيو جنهن دوران مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي سوال ڪيو ته روينيو کاتي ۾ سينيئر ڪلارڪ، تپيدار ۽ مختيارڪارن جون ڀرتيون ڪيئن ٿيون؟ ڪهڙي ضلعي ۾ ڪيترا مختيارڪار ڀرتي ٿيل آهن؟
گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار جواب ڏيندي ٻڌايو ته سموريون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڪيون ويون، مختيار ڪار بورڊ آف روينيو ۾ ڀرتي ٿيا آهن، جتي ضرورت هوندي اتي کين مقرر ڪيو ويندو، ضروري نه آهي ته سمورن مختيارڪارن کي پوسٽنگ ملي هجي، هو ڪنهن مختيار ڪار جو نالو ٻڌائين ته اسان کين ٻڌائينداسين ته ڪٿي لڳل آهي.
ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني سوال ڪيو ته ٽيڪس ماڻهو پاڻ ڏئي رهيا آهن، زمينن کان حڪومت ڪيئن ٽيڪس گڏ ڪري ٿي؟
گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار جواب ڏنو ته پيسا وٺڻ ڪو سولو ڪم ناهي، ان لاءِ ڪوششون ڪريون پيا، اسان جا آفيسر ٽيڪس گڏ ڪندا آهن، زمين مان نڪرندڙ پاڻي جو ڌار ريٽ آهي، ڍنڍن جي پاڻي جو ڌار ريٽ آهي، ننڍن آبادگارن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون.
پيپلزپارٽي ايم پي اي مارئي راشدي ڳالهائيندي چيو ته روزگار روڪرائڻ لاءِ عدالت وڃي اسٽي وٺڻ افسوسناڪ عمل آهي، وفاقي حڪومت پاسپورٽ پاليسي ۾ تبديلي ڪري عورتن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن.
هن چيو ته عورتن لاءِ پاسپورٽ تي اڳوڻي مڙس جو نالو لکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اسان اهڙي ڪا پاليسي قبول نه ڪنداسين جنهن سان عورتن لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿين.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 63 هزار استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا، فيبروري 2025ع تائين ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي ڪجهه مهينا ڀرتي جو عمل روڪيو ويو.
هن چيو ته برساتن سبب 19 هزار 7 سئو اسڪول تباهه ٿيا، 5 هزار 200 اسڪولن جي مرمت ڪئي وئي، هن وقت 13 هزار اسڪولن جون عمارتون تباهه حال بڻيل آهن، وفاق فنڊز ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن وقت تائين هڪ روپيو به ناهي ڏنو ويو، برسات سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحاليءَ لاءِ تمام گھڻي رقم گھربل آهي.
تنهن بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح جو 11 هين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو ……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.