ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ : پاڪستان پنهنجي اهم ميچ ۾ اڄ ڪئناڊا سان مهاڏو اٽڪائيندو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ : پاڪستان پنهنجي اهم ميچ ۾ اڄ ڪئناڊا سان مهاڏو اٽڪائيندو
نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 22 ھين ميچ اڄ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي.
آمريڪا ۽ ڀارت ھٿان شڪست بعد سپر ايٽ مرحلي ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي وڏي مارجن تان ڪئناڊا کي شڪست ڏيڻي پوندي.
پاڪستان جو نيٽ رن ريٽ ڇا آھي ۽ سپر ايٽ ۾ ڪيئن پهچي سگهي ٿو ؟
ھونئن ته ظاھر آھي پاڪستان ٽيم آمريڪا ھٿان اَپ سيٽ شڪست ۽ ڀارت خلاف ھڪ کٽيل ميچ هارائڻ بعد اھڙي مشڪل پوزيشن ۾ آھي پر ٻنهي ميچن ۾ شڪست جو مارجن تمام گهٽ ھئڻ سبب پاڪستان جو نيٽ رن ريٽ گهڻو ناھي گهٽيو.
پاڪستان ھن وقت گروپ ۾ ميچ کٽڻ بنا نيٽ رن ريٽ جي بنياد تي چوٿين نمبر تي آھي ھن وقت پاڪستان جو نيٽ رن ريٽ منفي 0.15 آھي.
پاڪستان جي ايندڙ ميچ ڪئناڊا خلاف آھي جتي ھاڻي ان کي نه رڳو ميچ کٽڻي پوندي پر وڏي مارجن تان ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي، جڏھن ته آمريڪا ۽ ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستان کي ڀارت جي وڏي فتح جي اميد ڪرڻي پوندي .
آمريڪا جي آخري ميچ 14 تي آئرلينڊ خلاف آھي جيڪڏھن مٿي ڄاڻايل ٻنهي ميچن جا نتيجا اميد موجب آيا ته اھا ميچ اھميت اختيار ڪري ويندي.
جيڪڏھن آئرلينڊ آمريڪا کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پاڪستان لاءِ پنهنجي آخري ميچ ۾ جيڪا آئرلينڊ خلاف آھي تائين اھا صورتحال واضح ٿي ويندي ته ان کي اھا ميچ ڪيتري مارجن تان کٽڻي آھي.
آمريڪا پنهنجي ڪا به ميچ کٽي يا پاڪستان جي ڪا به ھڪ ميچ ھارائي يا برسات سبب ٻنهي ٽيمن جي ڪا ميچ رد ٿي ته آمريڪا سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو.
ايونٽ ۾ رهڻ لاءِ پاڪستان کي نه رڳو پنهنجون ايندڙ ٻئي ميچز کٽڻيون آهن پر آمريڪا جي ڀارت ۽ آئرلينڊ خلاف شڪست به لازمي آهي.
ٻئي پاسي جيڪڏهن آمريڪا ڪو به هڪ پوائنٽ حاصل ڪري ورتو ته پاڪستان لاءِ ايونٽ پهرئين مرحلي ۾ ئي ختم ٿي ويندو.
#T20WorldCup2024 #PAKvCAN #T20CWC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.