چين مان اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ايندو، سي پيڪ ٽو تي به تيزي سان ڪم اڳتي وڌندو: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين جي دوري دوران حڪومتي وفد آڏو هر سطح تي سيڪيورٽي ايشو اُٿاريو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چين جي تازي دوري تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته چين جي دوري دوران حڪومتي وفد آڏو هر سطح تي سيڪيورٽي جو مسئلو اُٿاريو ويو .
ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اوهان سڀني جي ڪوششن سان چين جو دورو ڪامياب رهيو.
هن چيو ته چين جي دوري ۾ سيڪيورٽي بابت معاملا ايجنڊا ۾ سرفهرست هئا.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته جلد چين مان اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪندو، سي پيڪ ٽو تي به تيزي سان ڪم اڳتي وڌندو.

PMShehbazSharif China CPEC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.