زال ٻي شادي جي اجازت ڏني آهي، سٺي ڇوڪري ملي ته فيصلو ڪندس: اظهر علي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته سندس شادي ارينج ميرج آهي ۽ کيس گهرواري طرفان ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت به مليل آهي.
اظهر علي ويجهڙ ۾ هڪ نجي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس سوال پهرين شادي ۽ بي شادي جي ارادي بابت سوال ڪيو.
پهرين شادي بابت سوال جي جواب ۾ اظهر علي ٻڌايو ته سندس شادي 2007ع ۾ ٿي جيڪا گهر وارن جي مرضي موجب هئي، شادي کانپوءِ گهرواري سان محبت ٿي وئي، ٽن پٽن جو اولاد آهي ۽اڃا تائين منهنجي هڪ ئي شادي آهي.
ٻي شادي جي سوال تي اظهر علي جو چوڻ هو ته مون گهرواري طرفان ٻي شادي جي اجازت آهي پر سوال اِهو آهي ته ان فيصلي سان منهنجي زندگي بهتر ٿيندي يا مشڪل؟
هن چيو ته ٻي شادي بابت فيصلو سوچي سمجهي ڪندس، جيڪڏهن وقت مناسب هوندو ۽ ڪا سٺي ڇوڪري ملي وئي ته پوءِ فيصلو ڪندس پر فلحال اهڙي ڪائي صورتحال ناهي.
زال کان ٻي شادي جي اجازت ملڻ بابت اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ڪنهن به زال لاءِ ٻي شادي جي اجازت ڏيڻ مشڪل آهي، هوءَ به انسان آهي ان اجازت سان برو محسوس ڪندي آهي پر ان باوجود منهنجي گهرواريءَ مونکي اجازت ڏني آهي.
اظهر علي وڌيڪ چيو ته مان زال کان ڪجهه ناهيان لڪائيندو، هر مسئلو ساڻس شيئر ڪندو آهيان، هن کي مون تي ڀروسو آهي، شايد اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ٻي شادي جي اجازت ڏني آهي.

Azharali Pakistancricketteam Cricket

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.