ڪاڇي ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

جوهي (رپورٽر) ڪاڇي جي قصبو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
ڳوٺ جمع لغاري ۾ ڪُرڪلي لغاري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڌُرين هڪٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ سبب هڪ ڌُر جو حاڪم عرف ٻوڙو لغاري گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو.
اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي ۽ ڌُرين ۾ فائرنگ جاري هجڻ سبب وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو آهي.

dadu johi sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.