بابراعظم انتظار ڪندڙ ٻارن کي ڏٺو به نه: نسيم شاهه سڀ نوٽ ڪيو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بابراعظم ۽ نسيم شاهه هڪ موقعي تي ڪنهن عمارت ۾ داخل ٿيا ته هڪ فيملي سندن آٽو گراف وٺڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺل هئي.

بابراعظم انتظار ڪندڙ ٻارن کي ڪا سٺي موٽ نه ڏني ۽ ٻارن هڪ کي آٽوگراف ڏئي نڪري ويو.

اها ڳالهه نسيم شاهه نوٽ ڪري ورتي ۽ اهو بيهي رهيو.

هن سڀني ٻارن کي آٽو گراف ڏنا، ان فيملي سان گڏ فوٽو ڪڍرايا ۽ جيڪو ٻار بابراعظم کان آٽو گراف وٺڻ لاءِ بيچين هو، نسيم شاهه ان ٻار کي بابراعظم جي نالي سان به آٽو گراف ڏنو.

اهڙي ريت نسيم شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني جون دليون کٽي ورتيون.

وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي ۽ نسيم شاهه کي وري هيرو قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.