ڳلي ۾ پاتل چين گولي روڪي همراهه جي زندگي بچائي ورتي

جنهن کي الله رکي تنهن کي ڪير چڪي، اهڙو ئي ڪجهه آمريڪا ۾ به ٿيو، جتي هڪ شخص کي ڳلي ۾ پاتل چين کيس گولي کان بچائي ورتو.
اهو واقعو آمريڪي رياست ڪلوراڊو ۾ پيش آيو، 22 ڪيليبر جي گولي چاندي جي ان چين ۾ ڦاسي پئي، جيڪا ان شخص جي ڳلي ۾ پاتل هئي.
ان شخص جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو پر پوليس موجب ان حملي ۾ اهو شخص بس معمولي زخمي ٿيو.
پوليس رت هاڻي چين جي تصوير جاري ڪندي چيو اسان چئي سگهون ٿا ته ان شخص گولي کي دوکو ڏئي ڇڏيو پر حقيقت اها آهي ته اها گولي کيس لڳي هئي.
بيان ۾ چيو ويو ته چاندي جي چين 10 ملي ميٽر ويڪري هئي ۽ ان جي ڪري ئي اهو شخص اڃا تائين جيئرو آهي.
پوليس حملي آور کي به گرفتار ڪري ورتو ۽ ان خلاف قتل جي قدم جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

usa america unitedstatesofamerica

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.