نوشهرا ( ويب ڊيسڪ ) نوشهرا ۾ پشتون ڊرامن جي اداڪارا خوشبو کي قتل ڪيو ويو آهي.
ڊي پي او اظهر خان موجب، پوليس کي اطلاع مليو ته خوش مقام واري علائقي ۾ ٻنين مان لاش هٿ آيو آهي جنهن جي سڃاڻپ اداڪارا خوشبوءَ جي نالي سان ٿي.
مقتولا پشتون ڊرامن جي اداڪارا هئي هن ڪيئي ڊرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
اداڪارا جي ڀاءَ شهريار پوليس کي ٻڌايو ته مقتولا کي جوابدار راڳ جي محفل ۾ پرفارم ڪرڻ کان روڪيو هٿو، انڪار تي مبينا طور فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش ٻنين ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي مقتولا جي ڀاءَ جي فرياد ۾ ٻن ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ نامزد ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.