ٽيم ۾ وڏي سرجري بدران پاڻمرادو سرجن محسن نقوي استعيفيٰ ڏئي: جي يو آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان قومي ٽيم جي شڪست تي بي سي بي چيئرمين محسن نقوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله چيو ته ٽيم ۾ وڏي سرجري بدران پاڻمرادو سرجن محسن نقوي استعيفيٰ ڏئي.
هن چيو ته چيئرمين صاحب توهان جي سليڪٽ ڪيل ٽيم قوم جو نَڪ ڪپرائي ڇڏيو، پي سي بي تي جڏهن کان محسن نقوي کي مڙهيو ويو آهي، تڏهن کان ٽيم ٿاٻا کائي رهي آهي، محسن نقوي ايڏو ئي باصلاحيت آهي ته ان کي ٺاهڻ وارا پنهنجو عهدو به کيس ڏئي ڇڏين.

mohsinnaqvi pcb jui

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.