ڪانگو ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 41 ڄڻا مارجي ويا

ڪنساشا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ملڪ ڪانگو ۾ ڳوٺ تي شدت پسند تنظيم جي حملي ۾ 41 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
ڪانگو جي فوجي ترجمان موجب گذريل هڪ هفتي دوران مختلف هنڌن تي دهشتگردن جي حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ 80 کان وڌي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته جمعي جي رات مختلف ٻهراڙين ۾ شدت پسند تنظيمن جي اتحاد الائيڊ ڊيموڪريٽڪ فورس جي دهشتگردن حملا ڪيا هئا.
فوجي ترجمان موجب تازي حملي ۾ 41 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ هفتي دوران 80 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.

africa democraticrepublicofthecongo congo

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.