ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري ۾ ڀارت هٿان کٽيل ميچ هارائڻ تي ڪرڪيٽ شوقين جا چهرا مرجهائجي ويا آهن.
پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي مان ناخوش شوقينن جو چوڻ آهي ته شڪست جو ذميوار بيٽنگ لائين آهي بالرن پنهنجو ڪم پورو ڪيو هو.
شوقينن جو چوڻ هو ته بابراعظم تمام گهڻو مايوس ڪيو، ڪپتان پنهنجو ياريون دوستيون وڌائي رهيو آهي، اڃا تائين شاداب خان کي کيڏائي رهيو آهي.
شوقينن مشورو ڏنو ته پاڪستان جي پوري بيٽنگ لائين تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ بابر کي ڪپتاني ڇڏڻ گهرجي، ڪپتان جي ڪائي ڪارڪردگي نظر نٿي اچي.
شوقينن جو چوڻ آهي ته محمد رضوان جي بال روڪڻ سبب ٻين بيٽرن تي دٻاءُ پيو، ڪوچ ڇا ڪري رهيو هو ؟ پاڪستاني ٽيم جي ميچ بابت ڪا به حڪمت عملي نظر نه آئي.
ڀارت هٿان شڪست تي پاڪستاني ٽيم جي مداحن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي ميچ کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ بڻائي ڇڏيو، ڪپتاني جو فقدان نظر آيو، بيٽرن قطعي طور تي ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو.
T20Worldcup2024