ايندڙ بجيٽ ۾ واڌو روينيو حاصل ڪرڻ لاءِ نوان ٽئڪس لڳائڻ جا امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ بجيٽ ۾ 2 هزار ارب رپين جو واڌو روينيو حاصل ڪرڻ لاءِ نوان ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ايف بي آر موجب پيٽروليم تي شروعاتي مرحلن ۾ 5 سيڪڙو سيلز ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيٽروليم شين تي 5 سيڪڙو ٽئڪس لڳڻ بعد لڳ ڀڳ 6 سو ارب رپين جو روينيو ملندو.
ذريعن موجب ايندڙ مالي سال لاءِ فنانس بل ۾ سمورن ٽئڪس مان ڇوٽ ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، سيلز ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ سان لڳ ڀڳ ساڍا 5 سو ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته اضافي ٽئڪس هدف پورو ڪرڻ لاءِ سيلز ٽئڪس جي شرح وڌيڪ هڪ فيصد وڌائڻ جو امڪان آهي، جنهن سان 100 ارب رپين جي اضافي روينيو متوقع آهي.

FBR Pakistan Govt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.