اعظم خان کي ٽن مهينن ۾ فٽ ڪري ڏيکاريندس: انعام بٽ جي دعويٰ

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) قومي ريسلر انعام بٽ ڪرڪيٽر اعظم خان کي 3 مهينن ۾ فٽ ڪري ڏيکارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي انعام بٽ چيو ته اعظم خان ٽي مهينا گوجرانوالا ۾ ٽريننگ ڪري، ان کي مڪمل فٽ ڪري ڇڏينداسين.
هن چيو ته ٽريننگ سان اعظم خان جو وزن به 30 کان 35 ڪلو گهٽجي ويندو، اسان اعظم خان کي روز 5 کان 6 ڪلاڪ پهلوانن سان گڏ ٽريننگ ڏينداسين، ٽريننگ سان گڏ اعظم خان کي سٺي ڊائٽ به ڏينداسين ته جيئن ان جي طاقت نه گهٽجي.
سندس چوڻ هو ته ٽن مهينن جي ٽريننگ کانپوءِ اعظم خان وڌيڪ پاور هٽنگ ۽ بهترين بيٽنگ ڪري سگهندو.

inambutt azamkhan pakistancricetteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.