نيوز ايجوڪيشن ايڪسپو ۾ سر سيد يونيورسٽي جي شرڪت، گورنر ۽ تعليم وارو وزير به پهتا

ڪراچي (پ ر) جنگ ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي نيوز ايجوڪيشن ايڪسپو ۾ سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو اسٽال ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه خاص طور تي سيد سيد يونيورسٽي جي اسٽال جو دورو ڪيو ۽ شاگردن جي مهارت ۽ علم تي ٻڌل صلاحيتن کي ساراهيو، جيڪي انهن جي پراجيڪٽس ۾ نمايان هيون.
ڪامران ٽيسوري سر سيد يونيورسٽي جي شاگردن طرفان تيار ڪيل ريورس وينڊنگ مشين جي پريزنٽيشن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو، جڏهن ته تعليم وارو سر سيد يونيورسٽي جي شاگردن جي تيار ڪيل سموليٽر بائيڪ جي ڪارڪردگي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ هن شاگردن جي ڪوششن جي ڏاڍي تعريف ڪئي.
صحافين سان ڳالهائيندي سردار علي شاهه چيو ته هيءَ تقريب ايندڙ نسلن کي معياري تعليم تائين پهچ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ مثال آهي، نوجوانن لاءِ هڪ شاندار موقعو آهي ته سمورين يونيورسٽين جا اسٽال هڪ ڇت هيٺان آهن، سنڌ واحد صوبو آهي، جتي حڪومت جي پيپلز اسڪالر پروگرام تحت 7000 اسڪالر شپ ڏني ويندي آهي ۽ باصلاحيت ۽ حقدار شاگرد پاڪستان جي ڪنهن به اعليٰ يونيورسٽي ۾ مفت تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا، اسان اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سطح تي سنڌ ۾ سائنس جو سال ملهائڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون، جنهن جي پڄاڻي تقريب ڪراچي ۾ ٿيندي ۽ ان ۾ بهترين پراجيڪٽ نمائش لاءِ رکيا ويندا.
سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي چيو ته ايجوڪيشن ايڪسپو شاگردن، استادن، والدين ۽ تعليمي ماهرن لاءِ پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ جديد ترين تعليمي موقعن ۽ ملازمتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين پليٽ فارم آهي، ايجوڪيشن ايڪسپو سڀ کان وڏو ۽ اثرائتو عالمي ايونٽ آهي، جيڪو اعليٰ تعليم جي سفر کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا جي سوين پروفيشنلز کي گڏ ڪري ٿو.
جنگ گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سرمد علي چيو ته هن تعليمي نمائش ۾ مختلف يونيورسٽين جا تقريبن 65 اسٽال آهن، جنهن سان شاگرد فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، 2008 کان نيوز ايڪسپو ٿي رهيو آهي ۽ ان تعليمي نمائش جو هي 16هون سال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.