ڪراچي: سيڪيورٽي ادارن جي ڪارروائي، 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ۾ لياري ۾ ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي قتل ۽ ڀتاخوري ۾ ڪيترن ئي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز جي ترجمان موجب جوابدارن جو تعلق گينگ وار ڪمانڊر احمد مگسي سان آهي، جوابدار شهزاد ۽ نويد وٽان غيرقاني هٿيار، بارود ۽ منشيات هٿ ڪيا ويا.
رينجرز ترجمان ٻڌايو ته جوابدار ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا بعد قتل ڪري لاش ٻورين ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا، جوابدارن قتل ڪرڻ جا اعتراف به ڪيا آهن.
ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدارن 2010ع کان 2018ع تائين ساٿين سان گڏجي لساني بنيادن تي شهرين کي اغوا ڪيو، جوابدارن مغوين کي سنگولين ۾ سلمان چيئرمين جي گهر ۾ تشدد بعد قتل ڪيو.
ترجمان موجب جوابدار مغوين کي قتل ڪرڻ بعد لاش ٻورين ۾ بند ڪري لياري ندي ۾ اڇلائيندا هئا.
Karachi Pakistan CTD

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.