ڪراچي جي عادي ڏوهارين کي سزا ڏيارينداسين: گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڇنڇر ڏينهن مرحوم اتقا معين جي گهر ويو، جتي هن مقتول جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. گورنر سنڌ مقتول جي وارثن کي چيو ته هو ان ڪيس کي پاڻ ڏسندا، انشاءَ الله جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. گورنر هائوس ۾ هڪ سيل جوڙيو ويندو۔ جنهن ۾ گذريل هڪ سال دوران قتل ٿيل ماڻهن ها ڪيسن کي فالو ڪيو ويندو۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته اسان کي هن ڳالهه جي خبر هجڻ ته گذريل هڪ سال ۾ جيڪي به قتل ٿيا آهن انهن مان ڪيترين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيترين کي سزا ملي آهي ۽ ڪيترين کي ضمانت ملي آهي انهن جي ضمانت جي شرح؟  ۽ اهو به ڏسڻو پوندو ته انهن مان ڪيترا ضمانت ٿيڻ کان پوءِ ائين ڪري رهيا آهن، انهن شين کي روڪيو وڃي ۽ مقتولن جي خاندانن کي به مطمئن ڪيو وڃي ۽ مان ميڊيا سان گڏ قتل ٿيل ماڻهن جي گهر ويندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.