پاڪ-ڀارت ميچ: نفرتون پاسي رکي، محبتن کي مان ڏيو

سرمد سولنگي

هڪ اهڙي ميچ جنهن جو شيڊيول ايندي ئي اڳڪٿيون شروع ٿي وڃن ٿيون، اهڙي ميچ جنهن جي چوڌاري سياسي مسئلن جي دز ڄميل آهي، اهڙي ميچ جيڪا اڪثر عسڪري ميدان کان به وڏي جنگ بڻجي وڃي ٿي.
ميچ کان ٻه چار ڏينهن اڳ رانديگر، تماشائي ۽ ڪرڪيٽ تجزئي نگار اڄاتل تجسس مبتلا رهن ٿا، ڪير کيڏندو، ڪير ٻاهر ويهندو ؟ جهڙا سوال هر هر اُڀري اچن ٿا، ٽي وي چئنلز ٻنهي ملڪن جا ڪرڪيٽ پنڊت بحث جي بازار گرم ڪن ٿا.
هن ميچ جي شهرت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو ان جي نالي ۾ سڀ ڪجهه وڪامي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪرڪيٽ مارڪيٽنگ بابت تبصرو ڪجي ته ان کان بهتر ڪا ميچ ٿي ئي نٿي سگهي.
هڪ اندازي موجب، هن واري 2 ارب کان وڌيڪ ماڻهو اِها ميچ ڏسندا ۽ براڊ ڪاسٽ اسپورٽس جي تاريخ ۾ اِهو هڪ رڪارڊ نمبر هوندو، وغيرا وغيرا .
ٻن روايتي مخالفن وچ ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو نوَ جون تي ( سڀاڻي) نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي، پر ميچ کان اڳ ٻنهي ملڪن جي ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي جنگ جو ماحول تيار ٿي چڪو آهي.
ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ڦٽ وئي آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان هڪٻئي جا دشمن آهن ۽ هو ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ مقابلو به هڪ جنگ سمجهڻ لڳا آهن، پر کين اهو ڪير سمجهائي ته اهو خيال ڪرڻ ۾ چريائپ آهي، عوام، سياستدانن ۽ جرنيلن جي ذهن ۾ اها سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي ته جنگ سان ئي مسئلا حل ٿي ويندا آهن، جڏهن ملڪ تڪرارن ۾ ڦاٿل هوندا آهن ته انهن جو حل صرف ڳالهيون هونديون آهن، پر اسان وٽ عوام کي ورغلائي چيو ويندو آهي ته جنگ ٿيڻ گهرجي، اها ئي سمورن مسئلن جو واحد حل آهي، ٻڌايو ڇا ڪڏهن جنگ ذريعي مسئلا حل ٿيا آهن؟
ڪرڪيٽ سدائين ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ انتهائي ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو آهي پر هاڻ ان مٿان به غيريقيني واري تلوار ٽنگيل آهي. ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ وارن صورتحال سبب ڪرڪيٽ سدائين ڏکيائين جو شڪار رهي آهي ۽ هر واري پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سٺن لاڳاپن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
هيءَ راند شروع کان ئي سياست جو شڪار رهي آهي، ان جو مثال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سال 1960ع وٺي سال 1978ع جي 18 ورهين تائين ڪرڪيٽ رابطا ڪٽيل رهيا. ان کانپوءِ سال 1987 کان سال 1999ع تائين ٽيسٽ سيريز ۾ وقفو رهيو ۽ موجودا ماٺار سال 2008ع ۾ ٿيندڙ ممبئي حملن کانپوءِ برقرار آهي.
ڀارت ۾ اهو تاثر سدائين رهيو آهي ته ورهاڱي جي ذميوار ملڪ سان ڪنهن به قسم جا لاڳاپا نه رکيا وڃن ۽، پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي سدائين فوجي قومپرستي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، خاص طور تي جڏهن مخالف ٽيم ڀارت هجي.
انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هي اهو خطو آهي جتي پاڪستان تي اهو الزام لڳندو آهي ته هو مبينا طور ڀارت ۾ دهشتگرد واقعن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ وري پاڪستاني عوام جي نظرن ۾ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان لاءِ ان کي سبق سيکارڻ لاءِ اها اخلاقي ذميواري آهي ته کين ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ بڇڙو ڪيو وڃي.
سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جا اهڙا مخالف اوهان کي ڪنهن ٻئي هنڌ نظر نه ايندا، جن جا پاڻ ۾ اهڙي قسم جي اختلاف هجن. اهڙي قسم جي پسمنظر سان گڏ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ مقابلن مان اميد ڪئي ويندي آهي ته اهي رڳو راند تائين محدود رهن ۽ ڪرڪيٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيئي موقعن تي ويجهو پڻ آندو آهي.
سال 1999 جي عالمي ڪپ ۾ ٻئي ٽيمون هڪٻئي جي آمهون سامهون هيون ان وقت ڪشمير ۾ گارگل واري مقام تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ جاري هئي، جڏهن ڀارت سال 2003ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ته گذريل پنج ڏهاڪن دوران پهريون ڀيرو پاڪستان هزارين ڀارتين کي ويزائون جاري ڪيون هيون ۽ عام پاڪستانين طرفان ڀارتي شهرين جي جي گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو، ان دوران لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڀارتي مهمانن کي مفت سفر، رعايتي کاڌا ۽ خريداري ۾ رعايت سميت سندس تمام گهڻي مهمان نوازي ڪئي وئي هئي.
پر رڳو پنج ورهين جي وٿي بعد ممبئي ۾ ڀوائتا حملا ٿيا ۽ جنوري 2009 ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان جو رٿيل دورو نه ڪري سگهي. ان کانپو آءِ سي سي ايونٽن ۽ ايشيا ڪپ کانسواءِ سال ٻه هزار 2012ع واري سيريز بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ رابطا بحال ناهن ٿي سگهيا ۽ سياست راند تي ايترو حاوي ٿي وئي جو آءِ پي ايل جي پهرين ايڊيشن کانپوءِ پاڪستاني رانديگرن لاءِ ليگ جا دروزا سدائين لاءِ بند ڪيا ويا.
ورهاڱي کان هنيئر تائين جنگ، شدت پسندي، دهشتگردي ۽ ايستائين ايٽمي هٿيارن جي خطرن بابت ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، ڀارت طرفان سدائين اهو الزام لڳايو ويو آهي ته ڀارت هڪ اهڙي ملڪ سان ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏي سگهي ٿو جيڪو ان خلاف سدائين دهشتگردي جي حمايت ڪندو رهيو آهي. حڪمران جماعت بي جي پي جا ڪيئي پارليامنٽ ميمبر ۽ هندو انتها پسند جماعت شيو سينا جا اڳواڻ پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي لاڳاپا رکڻ جي مخالف ڪندا رهيا آهن. پر کين اهو ڪير سمجهائي ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي جنهن کي راند جيئن ئي ڏسڻ گهرجي ڪرڪيٽ ۾ ٻئي ٽيمون پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪن ٿيون، رانديون ته محبتن جو پيغام هونديون آهن نه ڪي جنگن جو اعلان.
اسان سرحدي ڇڪتاڻن ۾ فوجي جوانن جي موت تي مائرن جي جهوليون اجڙندي نٿا ڏسڻ چاهيون اسان مهيندرسنگهه ڌوني جي هنج ۾ سرفراز احمد جي پٽ جون تصويرون ڏسڻ چاهيون ٿا اسان کي جوانن جي هٿن ۾ بندوقن واري روش بدران ويرات ڪوهلي پاران محمد عامر کي گفٽ ڪيل بيٽ وارو عمل ساراهڻ گهرجي، اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي بابر اعظم جي سالگرهه تي روهت جي شرڪت تي ۽ اسان کي سکڻ گهرجي رشڀ پنت مان ته ڪيئن هو زخمي شاهين کان سندس چڱ ڀلائي معلوم ڪرڻ لاءِ وٽس لڙي آيو هو يا گذريل سال ايشيا ڪپ دوران ويرات ڪوهلي جون پاڪستاني رانديگرن سان وائرل ٿيندڙ تصويرون جنهن ۾ ٻنهي رانديگرن جي مُرڪ امن جو پيغام ڏئي رهي آهي.
انڪري ٻنهي ٽيمن مٿان ٻي ڪنهن قومي جدوجهد جو ٻوجهه گهٽايو وڃي ڪرڪيٽ امن جي پيغام لاءِ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويڇا گهٽائڻ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي، ٻنهي ملڪن کي مختلف محاذن تي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان کي عوام جي عوام سان سڌي ريت لاڳاپن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن عسڪري ۽ مذهبي ٺيڪدارن جي سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي.
ڪرڪيٽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جو جو رستو آهي، ڪرڪيٽ پهريان به ۽ هاڻي به اهڙو هٿيار بڻجي سگهي ٿي، جنهن ذريعي سان پاليسيون ٺاهڻ وارا عام ماڻهن لاءِ وسيع پيغام موڪلي سهگن ٿا، ته پوءِ گهڻو نه سوچيو ۽ 9 جون تي ٿيندڙ مئچ ۾ سڀ نفرتو پاسي رکي محبتن کي مان ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.