ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا هٿان شڪست تي تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ قومي ٽيم خاص طور فاسٽ بالر حارث رئوف کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران سلمان بٽ پاڪ آمريڪا ميچ تي تبصرو ڪندي حارث رئوف جي آخري اوور تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته اسان جي ٽيم جي بالرن پاران آخري اوور ۾ رنسون ڏيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.
سلمان بٽ حارث رئوف تي تنقيد ڪندي چيو ته حارث رئوف ٻار آهي جيڪو پنهنجي فيلڊ ڏسڻ کانسواءِ بالنگ ڪندو آهي، آخري اوور ۾ حارث جو مڊ آف سرڪل جي اندر آهي، ان باوجود هن آخري بال فل بال هلايو ۽ چوڪو لڳي ويو ان کان پوءِ ڏٺو وڃي ته ڪپتان حارث تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
هن حارث رئوف کي واضح ڪندي چيو ته اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته جڏهن اوهان جو مڊ آف مٿي وٺندا آهيو ته اوهان فل بال ناهيون هلائيندا، اِهي ڪرڪيٽ جون بنيادي ڳاليهون آهن، پر حارث رئوف جو اسٽائيل آهي بال ڪٽڪو کائي مٿي تي هٿ رکي ويهي رهندو آهي ڄڻ سندس شيئرز جو نقصان ٿي ويو هجي يا ڪا شئي چوري ٿي وئي هئي.
سلمان بٽ چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو اِهو سڀ ڪري ڇا ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو، هي سڀ غيرپشيوراڻيون حرڪتون آهن، ائين محسوس ٿئي ٿو ته اوهان ڪجهه سکڻ ئي نٿا چاهيو.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٽيم جا ماڻهو پريس ڪانفرنس ۾ اچي وري اِهي رٽيل سبق ورجائيندا ته ميچ جي شڪست سبب انٽينٽ جي کوٽ هئي، وري چوندا ته اسان سکي رهيا آهيون، سکڻ جو عمل آهي پر ڇا به چئو سچ اِهو آهي ته انهن ۾ ڪامن سينس کوٽ آهي.
هن چيو ته راند بابت آگاهي جي کوٽ آهي، انهن وٽ اِها اسپيڊ سمارٽنيس ناهي جيڪا هڪ ڪرڪيٽر کي ايترو تجربي کانپوءِ اچڻ گهرجي.
T20WorldCup2024 harisrauf Salmanbutt Pakistancricketteam