پي ٽي آءِ ايم پي اي جو چالان ڪندڙ ٻه ٽريفڪ اهلڪار معطل

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ايم پي اي شير علي آفريدي جو چالان ڪندڙ ٻن ٽريفڪ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو.
چيف ٽريفڪ پوليس آفيسر ٻنهي اهلڪارن جي معطلي جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
ٽريفڪ پوليس موجب اهلڪارن ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ايم پي اي تي 500 رپيا ڏنڊ هنيو هو.
ٽريفڪ پوليس چيو ته ايم پي اي ٽريفڪ اهلڪارن جي بري ورتاءَ جي شڪايت ڪئي هئي، بداخلاقي تي ٽريفڪ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان شير علي آفريدي چيو ته ٽريفڪ اهلڪار بيهڻ جو اشارو ڏنو ته گاڏي روڪي ڇڏي، منهنجي ڀاءُ ٽريفڪ اهلڪارن کي ٻڌايو ته هي ايم پي اي آهي، ڳالهه شروع ٿيندي ئي ٽريفڪ اهلڪار مون کي نامناسب لفظ چيا ۽ مون سان بداخلاقي ڪئي.

pti peshawar sheraliafridi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.